جتوئي ڌڱاڻو

جتوئي ڌڱاڻو: ڌڱاڻو جتوئي، محراب خان جو مائٽ چيو وڃي ٿو. جيڪو ميان غلام شاهه جي دؤر جو نامور امير هو ۽ مختلف معرڪن ۾ حصو ورتو هئائين. ڌڱاڻو چالڪ جي جنگ ۾ محراب خان سان گڏ وڙهيو هو. جنهن وقت ميان عبدالنبي اقتدار لاءِ آخري جنگ جي تياري ڪري رهيو هو، ان وقت ڌڱاڻي خان تي خاص مهربان ٿيو ۽ کيس لاکاٽ جي جاگير ڏنائين، جنهن جي آمدني ٽي چار لک روپيا هئي. هالاڻيءَ جي جنگ ۾ به ميان عبدالنبي جي لشڪر ۾ موجود رهيو، جڏهن جنگ جو نقشو تبديل ٿيو ته ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. جڏهن سنڌ تي ميرن جو راڄ قائم ٿيو، تڏهن تاجو ليکي ۽ ڌڱاڻو، مير فتح علي خان وٽ اچي پيش پيا. مير صاحب ٻنهي کي ڳلي لاتو ۽ جاگيرون ڏنائين، سندس پونئير لاکاٽ ۾ رهن ٿا.



هن صفحي کي شيئر ڪريو